سٺيو اميد علي

سٺيو اميد علي

اميد علي سٺيو

اميد علي سٺيو: ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاهه، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ۾ ۽ ايم. ايڊ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. هن تحقيق جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو. سندس تحقيقي مقالن ۽ مضمونن ۾: (1) ’سماٽ قوم جي نسل بابت ڪجهه احوال‘، (2) ’س‘ اکر سان شروع ٿيندڙ قومون، قبيلا، پاڙا، شاخون، ذاتيون ۽ اوڙڪون، (3) ’غلام شاهه ڪلهوڙي جو مرشد‘، (4) ارغون مرزا شاهه حسن جو موت‘ وغيره شامل آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’سٺيا ذات‘ (حصو پهريون، حصو ٻيو ۽ ٽيون)، (2) ’درگاهه سيد پريل شاهه، ڏاڏا سائين‘ شامل آهن. اميد علي سٺيو، تعليم کاتي ۾ سپروائيزر رهيو. هن 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.01  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق، اميد علي ولد ربڏني سٺيي جو جنم، پهرين ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ سيد متي شاهه، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم (ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ ٿيو.


2015.06.15  عيسوي

اميد علي سٺيي 15 جون 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت هريداس
پير پاڳارا خاندان
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
جوش شيخ عبدالحليم
شير موٽواڻي
سُهراب ڪائوسجي
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي اول
رضوي سيد مير علي
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون